ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي معاملن تي گورنر ه??ئو?? ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. گورنر ه??ئو?? مان جاري ڪيل پريس رليز موجب اجلاس ۾ ڪي فور ۽ ٽي پي فور پراجيڪٽس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل شِخ، ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ حبڪو جي ماهرن جي 5 رڪني ٽيم اجلاس ۾ شريڪ ٿي، صدر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جهڙا امڪان ڳولڻ جي هدايت ڪ??ي، ان ڏس ۾ پاڻي جي پائيدار حل لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيم به جوڙي وئي جنهن جي رپورٽ ۽ عملي سفا??شن تي عملدرآمد جون به هدايتون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا هجڻ جي ناطي اسان جي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪريون، ماهرن جي ٽيم پاڻي جي دستياب وسيلن، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي اسڪيمن جي حوالي سان به آگاهي فراهم ڪئي.