اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊگهين ??مارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اهڙي طرح اسان تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ها??وسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نئون پاڪستان ها??وسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي لاهور ۾ جاري ڪيڊاسٽريل ميپنگ مشق تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته منصوبو ٽريڪ تي آهي ۽ 15 نومبر 2021ع تائين مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي لاهور جي زمين ??ڪارڊ کي جلد کان جلد ڊيجيٽل ڪرڻ کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏين ??ه جيئن زمين ??ي قبضا مافيا ۽ قبضن جي خلاف هڪ عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. وزيراعظم کي ها??وسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت تحت مختلف ها??وسنگ منصوبن جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ها??وسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت 86323 ها??وسنگ يونٽس تعمير ڪري رهي آهي جن جي مجموعي لاڳت 463 ارب رپيا آهي، ان جي مختلف منصوبن تحت ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ تيزي سان 200000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، 2314 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون. وزيراعظم عمران خان ڳالهه کي ورجايو ته ڊگهين ??مارتن جي شڪل ۾ عمودي رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اها نه رڳو تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪندي پر ڊيجيٽلائيزڊ ڪيڊاسٽريل ميپنگ موجب شهرن جي زمين ??ي موثر استعمال کي پڻ يقيني بڻائيندي.