اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي تيل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ طريقي ۽ ذريعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود، پي ايس او جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي اي او سيد محمد طلحه ۽ ناميارين ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان کي اسمگل ٿيل تيل جا ملڪ جي معيشت تي اثرن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته پاڙيسري ملڪن مان تيل جي اسمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ساليانو 60 ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پوند?? آهي، پي ايس او جي ايم ڊي اجلاس کي ٻڌايو ته سندس ادارو ماضي ۾ اسمگل ٿيل تيل تي ڀاڙيندڙ ضلعن کي تيل جي فراهمي کي يقيين بڻائڻ لاءِ سپلائي ٻيڻي ڪرڻ جا قدم کنيا آهن، اجلاس۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي پيٽرول پمپس قائم ڪرڻ تي زور ڏنو وي?? ته جيئن گوادر ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر ڪندڙن کي سهولت ملي سگهي، اهڙي ط??ح گلگت ، اسڪردو ۽ سوات ۾ فيول اسٽوريج انفرااسٽرڪچر قائم ڪرڻ تي به زور ڏنو وي?? ته جيئن مقامي آبادي کي تيل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن علائقن ۾ سياحن جي وڌندڙ تعداد کي به سهولت ميسر اچي سگهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن حڪومت پاران تيل جي اسمگلنگ جي حوصلا شڪني لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.