گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو ادارو افغانستان کي ??ڪ مضبوط ۽ محفوظ رياست ٺهندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کان پهرين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ا??ا ڳالهه صحيح آهي ته افغانستان جي صورتحال غير متوقع آهي پر ا??ان سڀ چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ جامع حڪومت هجي ۽ افغانستان انساني حقن خاص ڪري عورتن جو احترام ڪري. هن چيو ته ا??ان سمورا چاهيون ٿا ته افغانستان هڪ محفوظ رياست بڻجي ۽ افغانستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابلو ڪري، پر اها اڳڪٿ?? ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ڇو ته اڃان اهو واضح نه آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گڏيل قومن جو فرض آهي ته افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن وقت طالبان ??ان مفاهمت رکندي کين سمجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي ??ر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي ۽ بين الاقوامي برادري ??ان سهڪار ڪرڻ گهرجي. ا??ان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري کي ??تحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.