اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اي پي ايس سانحي پاڻمرادو نوٽيس تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي عدالتي حڪم جي ??عميل ڪئي، هي اهو احترام آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي ??ڪومت پنهنجي ??دارن جو ڪري ٿي، اي پي ايس سانحي تي پوري قوم جي ??ل ڏکويل آهي، چار هفتن ۾ سپريم ڪورٽ جي ??ڪم?? تي اڳڀرائي بابت رپورٽ جمع ڪرائينداسين، انٽيليجنس ناڪامي نائن اليون و??قع?? ۾ به ٿي، 7 بمبار وائيٽ هائوس جي ??امهون هوٽل ۾ ٽن مهينن تائين رهيا، جنهن جي ڪنهن کي خبر نه پئي، اي پي ايس سانحي ۾ انٽيلي جنس ناڪامي کانپوءِ پاڪستان جي ??ياسي قيادت نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو، ملڪ مان دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ اڄ اسان جون زندگيون نارمل ٿيون آهن، امن قائم ڪ??ڻ ۾ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي عدالتي حڪم جي ??عميل ڪئي، وزيراعظم آئين ۽ قانون جي ??ڪمراني کي لاڳو ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو اسان جي منشور جو حصو آهي، هي اهو احترام آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي ??ڪومت پنهنجي ??دارن جو ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي تي پاڪستان جي هر شهري جو دل ڏکويل آهي، اي پي ايس سانحي جي وقت مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ هئي، اسان جي لاءِ تمام آسان هو ته اسان انه?? تي الزام هڻي ڳالهه ختم ڪ??ي ڇڏيون ها پر اسان پنهنجي ??ات کان وڌي پاڪستان جي قومي وحدت کي ڏسون ٿا. هن چيو ته اي پي ايس سانحي تي ملڪ جي ??مورين سياسي پارٽين اختلافن کي وساري متحد ٿي نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو، ان نيشنل ايڪشن پلان جي پٺيان پوري قوم بيٺل آهي. سندس چوڻ هو ته انٽيلي يجنس ناڪامي نائن اليون و??قع?? ۾ به ٿي، 7 بمبار وائيٽ هائوس جي ??امهون هوٽل ۾ ٽن مهينن تائين رهيا جنهن جي ڪنهن کي خبر نه پئي. هن چيو ته اي پي ايس سانحي ۾ انٽيلي جنس ناڪامي کانپوءِ جيڪي قدم کنيا ويا انهن تحت پاڪستان مان دهشتگردي کي ختم ڪيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ اڄ اسان جون زندگيون نارمل ٿيون آهن، ان جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ??ياسي قيادت کي به ڪريڊٽ وڃي ٿو، پارليامينٽ ان معاملي تي قومي اتهاد جوڙيو، اڄ به اسان انهي نيشنل ايڪشن پلان کي اڳتي وٺي هلي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت جا ٽي سال پاڪستان جي ??اريخ جا پرامن ترين سال آهن، اسان ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو ۽ معاشي چئلينجز کي ڪامياب سان منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته گهرو وزارت، انٽيلي جنس ادارن، پاڪ فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي ڪريڊٽ وڃي ٿو جن ملڪ جي ??ياسي قيادت جي ??ورانديش فيصل?? تي شاندار طريقي سان عملدرآمد ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت افغانستان جي ??ندر جيڪا صورتحال درپيش آهي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ کي اها صورتحال درپيش هجي ??ه صورتحال مخت??ف هجي ها. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته اي پي ايس سانحي ۾ جن ماڻهن جُون اخلاقي ذميواريون بڻجنديون هيون اهي متعين ڪيا وڃن، چار هفتن ۾ سپريم ڪورٽ جي ??ڪم?? تي اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين، ان ۾ انتظاميا، عدليه ۽ باقي ادارن سميت سمورن ادارن کي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪ??ڻو آهي. واضح رهي ته اي پي ايس سانحي ۾ ٻارن سميت 147 فوتگيون ٿيون ۽ 125 زخمي ٿيا، استادن جي وارثن کي معاوضي ڏنو ويو، پرنسپل کي ستاره جرئت ۽ تمغه شجاعت سان نوازيو ويو، معاوضي ۾ فرق بابت هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس 12 مارچ 2021ع تي اڪلايو ويو، ا?? تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. آرمي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جي و??قع?? ۾ ملوث دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي ??لاف پاڪ فوج پاران فوجي ??دالتن ۾ ڪيس هلايا ويا. دهشتگردن جي ٽرائل جي ??ورتحال هيئن رهي، 6 دهشتگردن کي موت جي ??زا ڏني وئي، دهشتگرد حضرت علي، عبدالسلام، سهيل ۽ مجيب کي 2 ڊسمبر 2015ع تي ڦاهي ڏني وئي جڏهن ته دهشتگرد رضوان کي 24 مئي 2017ع تي ڦاهي ڏني وئي، ان کانسواءِ دهشتگرد عتيق کي موت جي ??زا ٻڌائي وئي جنهن نظرثاني جي ??رخواست آگسٽ 2016ع کان سپريم ڪورٽ ۾ آهي. اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن کي ڏني ويندڙ معاوضي جا تفصيل ڪجهه اهڙي طرح آهن. وفاقي حڪومت پاران شهيدن جي وارثن کي 277.8 ملين رپيا، زخمين کي 3.675 ملين رپيا (مجموعي طور تي 281.475 رپيا) ڏنا ويا. اهڙي طرح خيبرپختونخواهه حڪومت پاران شهيدن جي وارثن کي 286 ملين رپيا، زخمين کي 123.8 ملين رپيا (مجموعي طور تي 409.8 ملين رپيا) ڏنا ويا. پنجاب حڪومت پاران شهيدن جي وارثن کي 6.57 ملين رپيا، زخمين کي 55.08 ملين رپيا (مجموعي طور تي 61.65 ملين رپيا)، پاڪستان آرمي پاران 575.755 ملين رپيا شهيدن جي وارثن کي ڏنا ويا، 153.575 ملين رپيا زخمين کي ادا ڪيا ويا، مجموعي طور تي 729.33 ملين رپيا ادا ڪيا ويا. هيڊڪوارٽر 11 ڪور پاران شهيدن جي وارثن کي 61.152 ملين رپيا، زخمين کي 1.199 ملين رپيا معاوضو ڏنو ويو. مجموعي طور تي شهيدن جي وارثن کي 1207.277 ملين رپيا ۽ زخمين کي 337.329 ملين رپيا معاوضو ادا ڪيو ويو، معاوضي جي مجموعي رقم 1544.606 ملين رپيا آهي. ان کانسواءِ اي پي ايس سانحي کان متاثر هر خاندان جي ٽن ماڻهن کي عمرو پئڪيج ڏنو ويو.