اسلام آباد ??? 22 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پا??ستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي ايوان نمائ??دگ??ن جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس سان گڏ ايشيا بابت ذيلي ڪميٽي جو چيئرمين ڪانگريس مين ايمي بيرا پڻ موجود هو. ملاقات دوران پا?? آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلسچپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پا??ستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته واپار ۽ س??ڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پا??ستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي. پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي پا??ستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ميسر موقعن کان آگاهه ڪندي آمريڪي ڪمپنين کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. آمريڪي سيڙپڪار ڪمپنيون، پا??ستان جي تيزي سان وڌندڙ آءِ ٽي شعبي ۽ 200 ملين ماڻهن تي ٻڌل وسيع مارڪيٽ مان فائدو کڻندي بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. پرڏيهي وزير پا??ستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪانگريس جي وفد کي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پا??ستان پاران فراهم ڪيل معاونت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته تازو ئي پا??ستان ۾ منقعد ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس ۽ ايمي بيرا پا??ستان جي دوري دوران پرخلوص مهمان نوازي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پا??ستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. آمريڪي ايوان نمائ??دگ??ن جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ڪابل مان آمريڪي ۽ ٻين شهرن جي محفوظ انخلا ۾ پا??ستان پاران فراهم ڪيل ڀرپور معاونت تي پا??ستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ڪانگريس مين گريگوري ميڪس پا??ستان آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. آمريڪي ايوان نمائ??دگ??ن جي وفد آمريڪا ۾ رهندڙ پا??ستاني ڄاون آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڌرين پا??ستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.