اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان حسب معمول جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي خطبي ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ م??اشرتي بهتري لاءِ نجي ۽ اجتماعي ز??دگي ۾ خوش گفتاري جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ويو ته ٻين کي به اظهار راءِ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ اخلاق کي اختيار ڪري ئي حقيقي ز??دگي جي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. دلين ۾ خير هوندي ته معاشري ۾ به خير ئي پکڙجندو، ان طرح سڄي دنيا ۾ انسانن جي رهنمائي ڪندڙ قو?? جوڙي سگهجي ٿي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلا??تي?? ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.