اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد الجسر چيو آهي ته ڪو به ملڪ ۽ ادارو افغانستان جي مالياتي بحران ۽ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڪيلي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، افغانستان ۾ امن امان ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي، افغانستان کي انساني همدردي تحت امداد سان گڏوگڏ پائيدار ترقي ۽ مالي امداد جي فراهمي ضروري آهي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته اڄ اسان افغانستان ج?? عوام سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين چيو ته عالمي برادري کي ماضي مان سبق سکندي افغانستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي ادارن ۽ علائقائي تنظيمن کي موجوده صور??حا?? ۾ افغانستان جي مدد ڪ??ڻ گهرجي ته جيئن هو موجوده بحران مان نڪري سگهي، افغانستان جي گهڻي آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي جنهن جي مدد جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته بئنڪ 1975ع کان اسلامي دنيا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ گذريل 46 سالن دوران هن او آءِ س?? جي ميمبر ملڪن جي ڀرپور مدد ڪ??ي آهي جنهن جو مقصد انهن کي اقتصادي ۽ سماجي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ هيومنٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي، اسلامي ترقياتي بئنڪ افغانستان ۾ مالياتي رابط?? جي لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪندي، اسان سمورن ملڪن کان ان بابت تعاون جا گهرجائو آهيون. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ڪانفرنس منعقد ڪ??ڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ افغانستان جي صور??حا?? تي غور جي لاءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، او آءِ س?? جي سيڪريٽري جنرل، ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، نمائندن ۽ مبصرن کانسواءِ گڏيل قومن جي مختلف تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن، پي فائيو، يورپي يونين ۽ ٻين ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس پاڪستان جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد افغانستان جي موجوده صور??حا?? طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به وڏي انساني بحران کان روڪي سگهجي. اسلامي تعاون تنظيم پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو بنيادي مقصد مسلمان امت پاران افغانستان ج?? عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته انهن کي انساني بنيادن تي افغانستان کي امداد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. ان ڪانفرنس منعقد ڪ??ڻ سان دنيا کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته افغانستان جي موجوده صور??حا?? رڳو هڪ انساني الميي کي جنم نه ٿي ڏئي سگهي پر ان جي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ هنگامي امداد ڪوآرڊينيٽر مارٽن گريفٿس پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان جي موجوده صور??حا?? جي ڪري ملڪي معيشت کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهن کي بک جو خطرو آهي، ان صور??حا?? جي ڪري ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جا شعبا به بري طرح متاثر ٿيا آهن، 70 سيڪڙو استادن کي پگهارون نه ملي رهيون آهن جڏهن ته لکين ٻار تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده صور??حا?? جي ڪري سيڙپڪاري رڪجي وئي آهي، انساني همدرد?? جي ادارن کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ عالمي ترقياتي امداد بند ٿي وئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري پڻ وڌي وئي آهي. هن چيو ته او آءِ سي افغانستان ۾ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄ جي هي ڪانفرنس افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. هن چيو ته گڏيل قومون ايندڙ سال افغانستان جي حوالي سان 4.5 ارب ڊالر امداد جي وڏي اپيل ڪندي، افغانستان ۾ صحت، تعليم، بجلي ۽ ٻين شعبن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ امداد جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان يڪجهتي ۽ فوري قدم نه کنيا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، موجوده صور??حا?? جي ڪري افغانستان ۾ ڪڻڪ ۽ ٻارڻ جي قيمت وڌي وئي آهي.