اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ سان پهاڙي سياحت کي فروغ ملندو ۽ ان سان ملڪ لاءِ غير ملڪي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ مقامي ماڻهن جي زندگي جو م??يار بهتر ٿيندو. خميس ڏينهن وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتا?? ڪيو آهي، انشاءُ الله ان سان پهاڙي سياحت ان سطح تائين پهچندي جتان ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ مقامي ماڻهن جي زندگي جو م??يار بهتر ٿيندو، هن چيو ته هو واله??ڻي استقبال ڪرڻ تي اسڪردو جي عوام جو ٿورو ادا ڪري ٿو، ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عوامي ميڙاڪي کي خطاب ۽ پنهنجون ٻيون تصويرون به شيئر ڪيون.