لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عوامي ڀلائي جي سمورن منصوب?? تي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بني??دن تي فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان??ن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري م??ثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائ?? سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ تي بريفنگ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل، اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت وزيراعظم کي بريف ڪيو ته پنجاب جو تازو ترقياتي بجيٽ تاريخي طور تي سڀ کان وڏو 740 ارب روپيا مختص ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان کي پناب ۾ مواصلات جي ذريعن، تعليم رستن جي تعمير ۽ صحت جي شعبي ۾ جاري ترقياتي پروجيڪٽس جي تڪميل تي گهربل بجيٽ تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين عبدالله سنبل بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي سمورن منصوب?? تي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بني??دن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ان??ن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري م??ثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائ?? سگهجي. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي ترقياتي منصوبن بابت عوامي آگاهي جي مهم کي وڌيڪ م??ثر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.