پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) پش??ور سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي فواد چو??ري چيو ته پي ٽي وي ماڻهن کي ملڪي ثق??فت ۽ ر??اي??ن کان آگاهه ڪرڻ جو هڪ تاريخي ميڊيا آئوٽ ليٽ آهي، ان سلسلي ۾ ملازمن جي ڪوششن کي سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ورلڊ ۽ ريجنل سيڪشنز کي به جلد ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو. هن ملازمن کي خاطري ڪرائي ته انهن جي پگهارن ۾ جلد اضافو ڪيو ويندو، ان موقعي تي وفاقي وزير پي ٽي وي سينٽر جي مختلف سيڪشنز جو دورو به ڪيو.