اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ 25 سيڪڙو اضافي سان ??يڪسٽائيل برآمدات 10.9 ارب ڊالر تائين په??ي ويو. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان جڏهن حڪومت سنڀالي ته ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند هئي. هاڻي بهترين پاليسين سان ??ن مالي سال جي 7 مهينن ۾ 25 سيڪڙو اضافي سان ??يڪسٽائيل برآمدات 10.9 ارب ڊالر تائين په??ي ويو. فرخ حبيب چيو ته اهو برآمدات مالي سال جي پڄاڻي تائين 21 ارب ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي. جنوري جي مهيني ۾ 17.3 سيڪڙو اضافي سان ??يڪسٽائيل برآمدات 1.55 ارب ڊالر رهيو.