ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي ر??س جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عم??ان خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي ر??س جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عم??ان خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزيراعظم سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم عم??ان خان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري ر??يو آهي. وزيراعظم عم??ان خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي جيڪو روس جو دورو ڪري ر??يو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عم??ان خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طو?? تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عم??ان خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.