اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون ڪئي، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ يوڪرين جي صورتحا?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي ڪائونسل جي صدر سان ڳالهائيندي ??زيراع??م عمران خان يوڪرين جي تازي صورتحا?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي ۽ دنيا تي انتهائي منفي اثر ڇڏيندي. وزيراعظم چيو ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي، معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪندو رهيو آه??. هن چيو ته پاڪستان جو اهو اصولي موقف آه?? ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وزيراعظم جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يوڪرين ۾ شهرين جي لاءِ انساني امداد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سان دوستاڻا لاڳاپا آه?? ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سان ويجهو رابطو رهيو آه??. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکنديون. پاڪستان جي يورپي يونين سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??زيراعظم چيو ته هو يورپي يونين جي قيادت سان ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي دوري جو منتظر آه??. هن صدر چارلس مشيل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.