اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته باغي اڳواڻن مان ڪجهه ماڻهو وا??س اچڻ لاءِ اسان سان رابطو ڪري چڪا آهن، فيصل جاويد خان سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باغي ميمبرن کي شوڪاز ڏنو آهي ته انهن کي سدائين لاءِ سياست ختم ڪرڻي آهي يا وا??س اچڻو آهي. فيصل جاويد چيو ته ڇا ماڻهن جي نمائندگي اهي پارليامينٽرينز ڪري رهيا آهن، قوم فيصلو ڪري ورتو آهي ته هارس ٽري??نگ جي خلاف آهي، هن چيو ته اها جمهوريت نه ڏي وٺ آهي.