اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪي فلمي صنعت کي رليف ڏيڻ لاءِ فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2018ع جي بحالي جو وڏو فيصلو ڪندي چيو آهي ته فلم ۽ ثقافت جي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ جوڙيل تجويزن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ان حوالي سان جلد سفارشون تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيش?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ايسوسيئيشن جو ايگزيڪيٽو ميمبر عرفان ملڪ، شيخ امجد رشيد، پير سعد، سيد نور، ساتش آنند ۽ بدر اڪرام شامل هئا. وفاقي وزير چيو ته پنجابي فلم اسان جو قيمتي اثاثو آهي جنهن تي ??ن وقت جمود طاري آهي، ان ۾ وري جان وجهنداسين. هن چيو ته ٻار?? جي لاءِ تيار ٿيندڙ مواد تي خصوصي رعايت ڏينداسين ته جيئن ٻارن لاءِ بهترين فلمن، ڪارٽونن، ڊرامن، ڪهاڻين ۽ تعليم ۽ تربيت بابت پروگرام?? جي حوصلا افزائي ٿئي. هن چيو ته فلم کي صنعت جو درجو ڏئي رهيا آهيون، صنعت جي طور تي ان شعبي کي رعايت ڏينداسين، فلم?? جي ڪهاڻي، معيار، ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ ان قومي پاليسي جو حصو آهي ان کانسواءِ ان ۾ سينيما گهر?? جي بحالي، نون سينيما گهر?? جي تعمير ۽ فنڪار?? جي لاءِ مراعتون شامل آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عوام کي تفريح جي فراهمي لاءِ ٽڪيٽ جي قيمت گهٽ، شوٽنگ لاءِ اجازت نامن کي آسان بڻائينداسين، فلم، ڊراما، اسٽيج ۽ فنون لطيفه پاڪستا?? جي عالمي اميج کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته عدم برداشت، انتشار اسا?? جي معاشري ۾ نه هو اهو پيدا ڪيو ويو، ان کي ختم ڪرڻو آهي، فلم، ڊراما ۽ فنون لطيفه معاشري جي ادبي، اخلاقي، تهذيبي ۽ علمي ۽ روايتي زندگي هوندا آهن، اهي روح زنده ڪندا آهن. هن چيو ته معياري فلم?? جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، ان شعبي کي ٽيڪنالاجي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪنداسين، پاڪستاني فلم?? جي ايڪسپورٽ جي حوصلا افزائي ڪنداسين ۽ گڏيل پروڊڪش?? جي امڪانن کي فروغ ڏينداسين، فلم سازي لاءِ اوزار ۽ مشينري جي درآمد ۾ حڪومت تعاون ڪندي. اطلاع??ت واري وزير فلم انڊسٽري تي ??اڳو وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي جو مطالبي تي غور ڪرڻ جي خاطر ڪرائي. فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيش?? جي وفد وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي فلمي صنعت جي بحالي جي باري ۾ قدمن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيش?? جي مطالبن، مسئلن ۽ انه?? جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو.