اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف جون شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پاڪستان“ کي م??ارڪباد هجي جنهن پاڪستان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري لسٽ مان پاڪستان جو ن??لو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو ن??لو ڪڍرائڻ جي عمل تي م??ارڪ، پاڪستان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پاڪستان جو ن??لو گري لسٽ مان نڪري ويندو، گري لسٽ مان پاڪستان جو ن??لو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ مان پاڪستان جو ن??لو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي م??يوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي م??ن ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.