اسلام آباد – 13 –; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قلعه عبدالله ضلعي، بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ بلوچستان حڪومت کي امدادي ڪاررواين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي حوالي سان فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٻه بند ٽٽڻ ۽ نقصان جي مڪمل ڪاٿي کانپوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم چيو ته هو جلد قلعه عبدالله جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو پڻ ڪندو. هن هدايت ??ئي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي محفوظ جاين تي پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي رهائش لاءِ خيما بستين ۽ کاڌي پيتي جي شين جو فوري انتظام يقيني بڻايو وڃي.