اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻيلن ۾ اضافي سان پائيدار ترقي جي فروغ، ملڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ?? گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستان جو ماحولياتي نظام به موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيل?? جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪستان، فلپائن ۽ هيٽي جهڙن ملڪن کي اڪثر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان کي عالمي حدت ۽ موسمياتي تبديلي?? جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب گذريل 19 سالن ۾ پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سان واڳيل 173 واقعن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن سال به پاڪستان کي ٻوڏ صورتحال ۽ برسات?? جي ڪري تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻين قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم سان پاڪستا?? جي قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ عالمي حدت جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته عالمي معيار موجب ڪنهن به ملڪ جي ٻيل?? جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته عالمي بئنڪ جي سال 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻيل?? جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. اسان کي پاڪستان ۾ و?? کان وڌ ٻيلا لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون ۾ و??يڪ تيزي آڻڻي پوندي.