اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن واري خاص معاون فهد حسين جي والد ب??گيڊيئر (ر) جاويد حسين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته و??لد جو لاڏاڻو ڪنهن جي لاءِ به وڏو صدمو هوندو آهي، فهد حسين ۽ گ??رڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گ??رڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.