نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ عالمي مدد جي ض??ور?? کي اجاگر ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن لاءِ مسلسل ??مايت تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته منهنجو ڀاءُ رجب طيب اردوان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان کي مسلسل ??المي امداد جي ض??ور?? آهي.