اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان چي?? جي سفير نونگ رونگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي مختلف رخن، پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چي?? پاران فراخدلي سان امداد کانسواءِ گڏ??ل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.