اسلام آباد -18 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وف??قي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برلن ۾ ٿيل ورلڊ هيلٿ سمٽ ۾ پوليو ڪانفرنس کي خط??ب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 27 کان ??ڌي?? پوليو ورڪرز پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پاڪ فوج خطرناڪ علائقن ۾ پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهي آهي جيڪا تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته جامعه الازهر يونيورسٽي جي شيخ العرب جي مفتي پروفيسر ڊاڪٽر طيب جي فتويٰ پاڪستان ۽ مسلم د??يا لاءِ پيغام آهي ته ٻارن کان صحت جو حق کسڻ اسلام جي تعليم جي ابتڙ آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته ا??ان پوليو جي خاتمي جي بلڪل ويجهو آهيون، د??يا پاڪستان سان بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان پوليو جي خاتمي لاءِ اثرائتن قدمن کي يقيني بڻائي رهيو آهي. ان موقعي تي جرمن اڪنامڪ وزير سونجا شولز چيو ته جرمني گلوبل پوليو جي خاتمي لاءِ 23 ملين يورو جو اعلان ڪيو. سعودي عرب گلوبل پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جو اعلان ڪيو آهي. بل گيٽس د??يا ۾ گلوبل پوليو جي خاتمي لاءِ 1.2 بلين ڊالرن جو اعلان ڪيو آهي. آسٽريليا 43.55 ملين ڊالرن، فرانس 50 ملين يورو، ڪوريا 3.2 ملين ڊالرن، سي اي او گاوي چيو ته پوليو ورڪرز پاڪسان جا اصلي هيرو آهن. روشيل ويلنسڪي ڊائريڪٽر سي ڊي سي آمريڪا چيو ته پوليو جي تازه ڪيس جيڪي اسرائيل ۽ لنڊن ۾ نظر آيا آهن اهي د??يا کي ٻيهر پوليو جي خطري سان ملي مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. پاڪستاني وف?? ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر فيصل، پوليو جي نيشنل پروگرام مئنيجر ۽ ميجر جنرل عامر اڪرام موجود هئا.