اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت، عوامي نمائندن، اين جي اوز ۽ ٻين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي ٻوڏ سٽيلن کي ريليف فراهم ڪن، انهن جي روزگار جي ذريعي جي بحالي ۽ ٻوڏ ۾ انهن جي گهرن ۽ متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏين. صدر اها ڳالهه اسلامڪ ريليف يو ايس اي جي صدر محمد انور خان، اسلامڪ ريليف پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي شيرازي ۽ اسلامڪ ريليف پاڪستان جي ايڊوڪيسي اسپيشلسٽ رضا حسين قاضي سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر اسلامڪ ريليف ان??رن??شنل پاران پاڪستان ۾ بيواهن کي هنر جي تربيت جي ذريعي بااختيار بڻائڻ، اسٽريٽ چلڊرن جي تعليم ۽ غريب ماڻهن ۾ هنرمندي کي فروغ ڏيڻ جي پروگرام کي ساراهيو. هن چيو ته اسلامڪ ريليف ان??رن??شنل جسماني ۽ آن لائين تعليمي طريقن جي ذريعي نوجوانن کي مارڪيٽ جي بنياد تي مهارت حاصل ڪرڻ ۽ معقول روزي ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل هنر فراهم ڪرڻ جو پروگرام پڻ شروع ڪري سگهي ٿو. هن اها تجويز به ڏني ته مسجدن ۾ فجر کان ظهر دوران اسٽريٽ چلڊرن ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پيش امامن جي استادن جي طور تي خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب تربيت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو. هن مسلم ۽ غيرمسلم ٻنهي ملڪن ۾ مصيبت سٽيل معاشرن ۾ ف??اح?? ۽ ف??اح?? ڪمن جي لاءِ اسلامڪ ريليف ان??رن??شنل کي ساراهيو، جيڪو ان جي بقول مسلمانن جي تشخص کي بهتر بڻائيندو ۽ اسلام جي آفاقي قدرن کي ڦهلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر معاشري ۾ روزگار، تعليم جا موقعا پيدا ڪرڻ، صحت ۽ غذائيت جي فراهمي، پاڻي جي وسيلن کي بهتر بنائڻ، صفائي سٿرائي ۽ ڪميونٽيز کي قدرتي ۽ انسان ساخته آفتن ۽ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اسلامڪ ريليف پاڪستان جي ڪم کي پڻ ساراهيو. صدر اسلامڪ ريليف ان??رن??شنل ۽ اسلامڪ ريليف پاڪستان پاران ٻوڏ متاثرين کي پناهگاهه، پاڻي، خوراڪ، روڪ گرانٽس ۽ حفظان ص??ت جون شيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ف??اح?? ڪمن کي ساراهيو. هن پاڪستان حڪومت ۽ اسلامڪ ريليف ان??رن??شنل ۽ ٻين ڌرين جي وچ ۾ بهتر هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن تائين انهن جي پهچ کي ??ڌا??ي سگهجي ته جيئن انهن جي جلد ۽ ڊگهي مدي واري بحالي کي يقيني بڻائي سگهجي. اسلامڪ ريليف يو ايس اي جي صدر محمد انور خان صدر کي ٻڌايو ته اسلامڪ ريليف ان??رن??شنل 1992ع کان پاڪستان سميت 44 ملڪن ۾ پٺتي پيل طبقن جي مدد جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اسلامڪ ريليف پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي شيرازي صدر کي تنظيم جي ف??اح?? ڪمن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسلامڪ ريليف پاڪستان خيبرپختونخواهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غذائي تحفظ ۽ پائيدار معاش، تعليم، صحت ۽ غذائيت، ٻارن ۽ عورتن جي ترقي ۽ پاڻي وسيلن جي انتظام جي شعبن ۾ 341 منصوبن تي ڪم ڪيو آهي جنهن سان لاڳاپيل ڪميونٽيز کي پنهنجي ص??اح??تن کي ??ڌا??ڻ ۾ مدد ملي آهي.