اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن وڏي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ آبادگارن جي روزگار جي بحالي لاءِ خصوصي پئڪيج ت??ار ڪرايو. وزيراعظم جي هدايت تي فوڊ س??ڪي??رٽي ۽ ناڻي واري وزارت جي مشاورت سان آبادگار پئڪيج ت??ار ڪيو ويو. آبادگارن جي لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي مفت فراهمي جو وڏو پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيندو. ڀاڻ (ڊي اي پي) جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ يوريا جي وڏي مقدار ۾ ملڪ ۾ دستيابي جي قدمن جو اعلان به پئڪيج ۾ شامل آهي. ٽيوب ويلز کي شمسي توانا??ي س??ن هلائڻ جي وڏي پروگرام جي شروعات، بجلي جي بلن ۾ قسطون به پئڪيج جو حصو آهن.