اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي مشروب ساز ڪمپني پيپس?? ڪو جي آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يوجين وليمسن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم مرتض??ٰ محمود پڻ شريڪ هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومون معاشي پاليسين جي تسلسل سان ٺهنديون آهن. وزيراعظم پيپس?? ڪو جي پاڪستان سان خطي جي ٻين ملڪن مان برآمدات کي ساراهيندي ڪمپني کي پاڪستان ۾ زرعي صنعتن، سيڙپڪاري وڌائڻ جي ترغيب ڏني. يوجين وليمسن حڪومت جي ڪاروبار دو??ت پاليسين تي وزيراعظم جا ٿورا ??ڃيا. ان کانسواءِ حڪومت جي معاشي، ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي پاليسين جي تسلسل ج?? ڪوششن کي به ساراهيو. يوجين وليمسن وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ته پيپس?? ڪو ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 لک راشن پيڪيٽ فراهم ڪيا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پيپس?? ڪو جي ملازمن پاران ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم به جاري آهي. وزيراعظم پيپس?? ڪو پاران انهن جي مدد ت?? ٿورا ??ڃيا ۽ ڪمپني پاران زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ سيڙپڪاري کي ساراهيو.