??سل??م آب??د ?? 16 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومون ٻنهي ملڪن ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مسئلن جو و??حد حل ڳالهيون آهن، افغانستان ۾ امن جي بحالي ?? پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ?? پاڪستان جي عزم کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.