اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ چين جي تعاون تي ٿورائتا آهيو?? جنهن ضروري طبي سامان جي فراهمي سان گڏوگڏ پنهنجا تجربا اسان سان شيئر ڪيا، پاڪستاني شهرين جي لاءِ چين جي امداد کي ساراهيون ٿا، چيني ڊاڪٽرن جو اچڻ اهم آهي ڇو ته پاڪستان ڪرونا وائرس جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ طبي عملي جي تربيت شروع ڪري رهيو آهي. نج?? ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت صحت جا شعبا به هڪ ٻ??ي سان تعاون جاري رکندا، اميد آهي ته پاڪستان جا طبي ماهر چيني ڊاڪٽرن کان وب?? کي روڪڻ جي لاءِ انهن جي تجربن مان سکندا.