اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن 28 مئي تي پاڪستان ايٽمي قوت بڻيو، يوم تڪبير ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته عزم ۽ همت سان اسان جنهن منزل کي حاصل ڪرڻ چاهيون اها حاصل ڪري سگهون ٿا، اسا?? جي ام?? جي خواهش کي اسا?? جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، حڪومت بهترين حڪمت عملي سان ڪوويڊ 19 کي منظم انداز ۾ ڪنٽرول ڪيو آه??، اسان جو رخ درست آهي، ماڪڙ کي به ڪنٽرول ڪنداسين جنه?? جي لاءِ قومي سيل قائم ڪري رهيا ??هيون، آف??يقا کان ماڪڙ جي وڌيڪ کيپ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، وقت ثابت ڪيو ته لاڪ ڊائو?? جي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان لاءِ وڌيڪ لاڪ ڊائون جو في الحال ڪو به امڪان نه آهي، جيڪي ماڻهو ڪورونا ۽ ماڪڙ تي سياست ڪري رهيا ??هن انهن جو مقصد پنهنجي بدعنواني کي لڪائڻ آه??، ايندڙ 8 کان 10 ڏينهن ۾ کنڊ رپورٽ جي عملي صورت سامهون اچي ويندي جيتري به مافياز آهي انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 2013ع ۾ جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي ته ا?? جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، جيڪو اڄ ڪل ٻاهرين ملڪ فرار آهي، پهرين ئي ڏينهن آءِ پي پيز جا 486 ارب روپيا ??اري ڪري ڇڏيا، پي ايم ايل اين ڪو به ڪم ڪنهن مفاد کانسواءِ ناهي ڪيو، شاهد خاقان عباسي به پنهنجي وفاداري خوب نڀائي ۽ ملڪ ۽ عوام جو ڪو به خيال نه ڪيو.