اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي خوراڪ واري صوبائي وزيرن سميت خوراڪ جي صوبائي سيڪريٽري ۽ ايس ايم بي آر جا ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا کي ڪڻڪ جي فراهمي جي معاملي تي غور ڪيو ويو، اسپيڪر چيو ته خيبرپختونخوا کي ض??ور?? موجب ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪي پي ڪي جي خوراڪ واري وزير چيو ته هلندڙ سال خيبرپختونخوا ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ان جي ض??ور?? کان گ??ٽ آهي ، پنجاب جي خوراڪ واري وزير خاطري ڪرائي ته خيبرپختونخوا ۾ ڪڻڪ جي ض??ور?? پورو ڪرڻ ۾ مڪمل تعاون ڪنداسين.