اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ????ڇ نائيڪ کي خط لکيو ??هي جنهن ۾ سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن موجب گوادر ضلعي، بلوچستان بابت معاملو ڪميٽي ک?? ريفر ڪيو ويو آهي، سينيٽ چيئرمين ڪميٽي کي هدايت ڪئي ??هي ته گوادر ضلعي لاءِ انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، فيڊريل ايڪسائيز ?? ڪسٽم ڊيوٽيز جي مد ۾ 10 سالن جي ڇوٽ جي معاملي جو جائزو وٺي ۽ بجيٽ سفارشن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.