لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لا??ڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر ج?? دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي ا??ساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرو??تم??د آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لا??ڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو لا??ڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لا??ڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.