اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ??سي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارليماني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ۾ آن لائن ميٽنگ جي دوران ??يو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻئي ملڪ غربت، انساني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه ??مل اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پارلياماني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ان ??هڻ رخي فورمز مان ??رپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.